لال ڪرشن آڏواڻي

لال ڪرشن آڏواڻي

لال ڪرشن آڏواڻي

لال ڪرشن آڏواڻي: سنڌ ڄائو ايل . ڪي. آڏواڻي. ڀارت جي اڳوڻي ڊپٽي وزيراعظم جو جنم 8 آگسٽ 1927ع تي ڪراچي ۾ ٿيو. سندس پيءُ جو نالو ڪشنچند ڌرم داس هو ۽ ماءُ جو نالو گياني ديوي . شروعاتي تعليم سينٽ پيٽرڪس هاءِ اسڪول ڪراچيءَ مان حاصل ڪيائين، پوءِ ڊي جي نيشنل ڪاليج حيدرآباد (سنڌ) مان پڙهي گورنمينٽ لا ڪاليج ممبئيءَ ۾ داخلا ورتائين. سندس شادي ڪملا جڳتياڻيءَ سان ٿي جنهن مان کيس هڪ پٽ جينت ۽ ڌيءَ پراتڀا آهي. ايل . ڪي آڏواڻي 1973ع کان 1977 تائين ”ڀارتيه جن سنگهه“ جو صدر رهيو، پوءِ 1977ع ۾ بي جي پي جو جنرل سيڪريٽري ٿيو. 1977 کان 1979ع تائين انڊيا جي اطلاعات ۽ نشريات کاتي جو وزير رهيو. گذريل ٽن ڏهاڪن ۾ ڀارتي سياست ۾ کيس هيٺيون ذميواريون مليون. - هائوس ليڊر راجيه سڀا (79-1977) - اپوزيشن ليڊر – راجيه سڀا (81-1979) - جنرل سيڪريٽري – بي جي پي (86-1980) - صدر بي جي پي (91-1986) - نائين، ڏهين ۽ يارهين لوڪ سڀ لاءِ منتخب ٿيو (1991-1989) - گهرو معاملن بابت ڪئبنٽ منسٽر (2004-1999) - ڊپٽي وزيراعظم ڀارت (2004-2002 جون) ايل. ڪي. آڏواڻي پهريون سنڌي آهي جنهن ڀارتي سياست ۾ ايتري اهميت حاصل ڪئي آهي. ڀارت ۾ رهندڙ سنڌين سان سندس سٺو تعلق آهي ۽ سنڌي ٻولي بابت هڪ انٽرويو ۾ چيو هئائين ته ”اسان کي پنهنجي ٻارن سان سنڌيءَ ۾ ڳالهائڻ گهرجي ۽ سندن سنڌي ڳالهائڻ لاءِ همت افزائي پڻ ڪرڻ گهرجي. سندس آتم ڪٿا تي ٻڌل ڪتاب (My Country My Life) پڻ ڇپيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1927.08.08  عيسوي

ڀارت جي اڳوڻي ڊپٽي وزيراعظم لال ڪرشن آڏواڻي جو جنم 8 آگسٽ 1927ع تي ڪراچي ۾ ٿيو.



سياستدان - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

انور احمد خان مهر
احمد علي مجذوب
بروهي جان محمد
امير حيدر ڪاظمي
آغا بدرالدين دراني
اختر حسين جدون
آنند هنڱوراڻي
اعجاز علي خان جتوئي
ارباب غلام رحيم
بقادار شاهه سيد
سياستدان ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون